ڌامڻ،  نوڙ، وئينس

ڌامڻ، نوڙ، وئينس

ڌامڻ نوڙ وئينس

ڌامڻ، نوڙ، وئينس mucosus Dhaman/ Common Ratsnake/ Ptyas: ڌامڻ نانگ ڪوليبريڊاءِ ڪٽنب (ٽائس ميوڪوسـَس) سان واسطو رکي ٿو. ظاهري شڪل صورت ۾ جُهوڙ نانگ(King Cobra) جهڙو آهي، انڪري ماڻهو هن کي خوف ۾ ماري وجهندا آهن. ’ڌامڻ‘ سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’رسو‘. ان ئي نسبت سان هن بلا کي سنڌيءَ ۾ ’نوڙ‘ به چوندا آهن. هيءَ بلا وئينس به سڏبي آهي. هن جو جسم مضبوط، گول ۽ ٿلهو ٿئي ٿو. هلڻ ۾ گهوڙيال کانپوءِ رفتار ۾ ٻئي نمبر تي تيز آهي.
هن بلا کي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ’گَڊو‘ به چوندا آهن. خيال آهي ته هيءَ بلا ڪاريهر جي ڪنهن ٻيءَ جنس سان کار جو نتيجو آهي. هونئن هن بلا جو رنگ (ماحول جي فرق سان) منڍيءَ کان پڇڙيءَ تائين هلڪو ۽ گهرو ناسي، زيتوني يا ڪارو به ٿئي ٿو. هن جو پيٽ سرمائي اڇو يا پيلاڻ مائل هوندو آهي. سندس شمار ڊگهين بلائن ۾ ٿئي ٿو ، بت ۾ 4 کان 12 فوٽ (1.3 کان 3.7 ميٽر) ڊگهي ٿئي ٿي. هن جو پُڇ جسم جي چوٿين حصي جيترو ٿيندو آهي. نَر عام طور تي ماديءَ کان وڌيڪ ڊگهو ٿئي ٿو.
هن بلا جون اکيون وڏيون ۽ اکين جا تارا گول ٿين ٿا. هيءُ نهايت ئي طاقتور نانگ آهي. هي بلا شڪار کي ارڙ بلا وانگر وڪوڙي مارڻ بجاءِ ان کي گرفت ۾ وٺي جيئرو ڳهي ويندي آهي.
ڌامڻ خشڪيءَ تي رهندي آهي، ٻرن ۾ پناهه ڳوليندي آهي ۽ خطري وقت جسم مٿي کڻي ڳچي ڦُنڊائيندي آهي. ڏينهن جي وقت سرگرم، پر اڪثر لڪل انداز ۾ رهندي آهي. پاڻيءَ ۾ گهڙڻ کان هٻڪندي نه آهي، بلڪ تارُو آهي. مُنڍي پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍي تري ۽ ٽُٻِي هڻي ٿي. وڻن تي به چڙهي سگهي ٿي. خوف جي وقت ۾ 6 فٽن جي اوچائيءَ تائين ٽپو ڏيئي سگهي ٿي. وڙهڻ بدران ٻِرن ۾ لڪڻ کي ترجيح ڏيندي آهي. پر سوڙهه ڪرڻ تي چڪ هڻي ٿي. هي بلا بهادري، هوشياري ۽ همٿ سان ويڙهه ڪندي آهي. ايتري زهريلي ناهي، البت ان جي چڪ سان سخت سور ٿيندو آهي. هن نانگ جو ڪکيل ڪو به جاندار عام مرهم پٽيءَ سان ٺيڪ ٿي ويندو آهي.
وئينس بلا ميداني علائقن ۾ مارچ کان مئي تائين لڳ ڪري ٿي. هن جي مادي مئي کان جُون جي مهينن ۾ هڪ وقت ۾ 6 کان 8 آنا ڏئي ٿي ۽ جُولاءِ - آگسٽ ۾ آنن مان ٻچا ڦُٽي اچن ٿا. ڏيڏر، ڪوئا، پکي، ڪِرڙيون ۽ بيضا سندس خوراڪ ۾ شامل آهن. ڪن علائقن ۾ ڳوٺاڻا سمجهندا آهن ته هي نَر ڪاريهر آهي، جيڪو مال کي ونگ وجهي ٿڻن مان کير پي ويندو آهي، پر انهن انومانن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه آهي. ڪو به نانگ باقاعدي پاڻي يا کير نه پيئندو آهي، بلڪ ڪنهن ڪنهن مهل زبان ٻوڙي وٺندو آهي.
ڌامڻ سڄي ايشيا ۾ برساتي ٻيلن توڙي چراگاهن سميت مختلف ماحولن ۾ رهي ٿي. سنڌ ۾ ٻنين ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي عام ملي ٿي. هيءُ بنيادي طرح ميداني خطي جو نانگ آهي، پر 1800 فٽن جي اوچائيءَ وارن جبلن تي به ڏٺو ويو آهي. سنڌ، هندستان، پاڪستان سميت ترڪستان، افغانستان، ميانمار، سري لنڪا، چين، جاوا ۽ سماترا ۾ به هن نانگ جو نسل وڌي ويجهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو